بيگم غلام حسين هدايت الله

بيگم غلام حسين هدايت الله: بيگم هدايت الله يا ليڊي هدايت الله جو اصل نالو صغريٰ بيگم هو. سندس جنم سنڌ جي مشهور شهر شڪارپور ۾ ٿيو. کيس تعليم گهر ۾ ڏياري ويئي، جو سندس تعلق پٺاڻ خاندان سان هو ۽ ڇوڪرين کي انهن ڏينهن ۾ اسڪول ۾ تعليم ڏيارڻ جو رواج ڪونه هو. صغريٰ بيگم جي والد جو نالو يعقوب خان دراني هو، جيڪو پٺاڻڻ جي مشهور قبيلي پوپلزئي درانيءَ سان تعلق رکندو هو. سندن وڏا، امير دوست محمد خان جي خاندان مان هئا. جن ڏينهن ۾ شڪارپور مان شاهه شجاع جي حڪومت ختم ٿي ۽ محمد زئي خاندان حڪمران ٿيو، انهن ڏينهن ۾ امير دوست محمد خان، محمد زئي خاندان جو ساٿ ڏنو ۽ پاڻ به شڪارپور ۾ سڪونت پذير ٿيو ۽ ”سات گام“ نالي هڪ جاگير قائم ڪري ورتائين. صغريٰ بيگم جي شادي غلام حسين هدايت الله سان ٿي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ لنڊن مان تعليم حاصل ڪري موٽي آيو هو. سنڌ صوبو انهن ڏينهن ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل هو. بمبئي جي اسيمبلي جڏهن ترتيب ڏني ويئي ته سر غلام حسين کي سنڌ جي طرفان وزير کنيو ويو. هو اٺن سالن تائين بمبئيءَ جي حڪومتي وزارت سان منسلڪ رهيو. جڏهن به اليڪشن ٿيندي هئي ته هو ڪاميابي حاصل ڪري وٺندو هو. سائين جي ايم سيد جي حڪم تي مسلم ليگ وومين سب ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن جي صدر بيگم هدايت الله منتخب ٿي ۽ سندس ساٿي ڪارڪنن ۾ بيگم شعبان ۽ مس ولي محمد افندي جا نالا قابل ذڪر آهن.
مسلمان عورتن جي سب ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس ڪراچيءَ جي گانڌي گارڊن ۾ ٿيو، جنهن ۾ بيگم هدايت الله ۽ بيگم شفيع تقريرون ڪيون. سنڌي مسلمان عورتن جڏهن ٻيو عام جلسو ڪيو ته ان جلسي کي ڦٽائڻ لاءِ ڪانگريس جي طرفان انتها پسند عورتن کي موڪليو ويو. ڪانگريسي عورتون جلسي ۾ داخل ٿيون، پر سنڌي مسلمان والنٽيئر ڇوڪرين، همت ڪري، جلسي کي ڪنٽرول ڪري ورتو. بيگم هدايت الله احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته پوليس جي مدد ڏني وڃي. ان مطالبي تي حڪومت پوليس کاتي ۾ عورتن جي مقرري ڪئي. بيگم هدايت الله سنڌ جو دورو ڪيو، جنهن ۾ هن مسلمان سنڌي، پٺاڻ، ۽ بلوچ عورتن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو. 31 ڊسمبر 1945ع تي مسلمان عورتن جو هڪ وڏو جلسو ڪياماڙي ڪراچيءَ ۾، بيگم هدايت الله جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ مسلم خواتين کي ايندڙ چونڊن جي اهميت کان واقف ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ جو نصب العين ”پاڪستان“ ٻڌايو. انهيءَ موقعي تي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ جي مدد ڪئي وڃي. 11 جنوري 1946ع تي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ خواتين ڪراچي برانچ جو جلسو انجمن هال ۾ ٿيو، جتي بيگم هدايت الله يومِ شڪراني جي سلسلي ۾ قائداعظم ڏانهن مبارڪباد جو ٺهراءُ پاس ڪرائي موڪليو. ٺهراءُ جي تائيد بيگم شعبان ڪئي. 1946ع ۾ صوبه سنڌ مسلم خواتين ڪاميٽي بنائي وئي، جنهن ۾ بيگم هدايت الله کي بطور ميمبر نامزد ڪيو ويو. هيءَ ڪاميٽي تنظيمي پروگرامن لاءِ حيدرآباد کان ڪوئٽا وئي، جتي تحريڪ پاڪستان لاءِ تبليغ ڪئي وئي. 16 مارچ 1946ع تي حيدرآباد ۾ مدرسة البنات ۾ هزارين عورتن جي موجودگيءَ ۾ مسلم ليگ جي ڪارروائي زير صدارت بيگم غلام حسين هدايت الله جي منعقد ٿي. بيگم هدايت الله صدر ڪانفرنس جو شڪريو ادا ڪندي تاريخ مان مسلم خواتين جي بهادري ۽ قربانيءَ جا حوالا ڏيندي چيو ته ”مسلمان عورتن کي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي، پنهنجي پيدائشي حق پاڪستان جي آخري جدوجهد لاءِ تيار رهڻ گهرجي.“ سنڌ مسلم ليگ جي سرگرم ڪارڪن بيگم طاهره اعجاز حسين آغا، هڪ 44 صفحن جو ڪتاب نالي ”اسان جو پاڪستان“ 1946ع ۾ ڇپايو، هن مسلم ليگ جي صدر بيگم هدايت الله ڏانهن منسوب ڪيو.


لفظ بيگم غلام حسين هدايت اللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.12.31  عيسوي

بيگم غلام حسين هدايت الله: 31 ڊسمبر 1945ع تي مسلمان عورتن جو هڪ وڏو جلسو ڪياماڙي ڪراچيءَ ۾ ، بيگم هدايت الله جي صدارت ۾ ٿيو ، جنهن ۾ مسلم خواتين کي ايندڙ چونڊن جي اهميت کان واقف ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ جو نصب العين ” پاڪستان “ ٻڌايو .


1946.01.11  عيسوي

بيگم غلام حسين هدايت الله: 11 جنوري 1946ع تي آل انڊيا مسلم ليگ خواتين ڪراچي برانچ جو جلسو انجمن هال ۾ ٿيو ، جتي بيگم هدايت الله يومِ شڪراني جي سلسلي ۾ قائداعظم ڏانهن مبارڪباد جو ٺهراءُ پاس ڪرائي موڪليو .


1946.00.00  عيسوي

بيگم غلام حسين هدايت الله: 1946ع ۾ صوبه سنڌ مسلم خواتين ڪاميٽي بنائي وئي ، جنهن ۾ بيگم هدايت الله کي بطور ميمبر نامزد ڪيو ويو .


1946.03.16  عيسوي

16 مارچ 1946ع تي حيدرآباد ۾ مدرسة البنات ۾ هزارين عورتن جي موجودگيءَ ۾ مسلم ليگ جي ڪارروائي زير صدارت بيگم غلام حسين هدايت الله جي منعقد ٿي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پال سيزان
زوار نقوي
جان الله شاهه ثالث
اشتياق انصاري
ايس جي ڀاڳيا
ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو
زهراوي ابوالقاسم
طارق خشڪ
راڻي
حضور بخش گوپانگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون